ديپچندر تلوڪچند چندر

ديپچندر تلوڪچند ’چندر‘: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ ليکڪ ديپچندر تلوڪچند بيلاڻي ’چندر‘، 17 اپريل 1909ع تي نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ ’ڪاڻيا ڪلهوڙا‘ ۾ ڄائو. اڌ صديءَ کان مٿي ليکڪ، شاعر ۽ مضمون نگار طور ادبي پسمنظر رکي ٿو. هن ۽ پرڀداس برهمچاريءَ ماهوار رسالو ’ڦلواڙي‘ ٻيهر جاري ڪيو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. ديپچندر ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ ٻيو ڪافي ادب تخليق ڪيو.
هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ (1) آريه ديـويــون (1936ع)، (2) ناري رهبر (1938ع)، (4) رام ورکا (1943ع)، (5) ڪستورٻا (مهاتما گانڌيءَ جي گهر واريءَ ڪستورٻا جي ڪٿا: 1944ع)، هندي انگريزي سنڌي ڊڪشنري (1962ع)، سنڌي سُونهارا (1966ع) ۽ ’جواهر درشن‘ (جواهر لال نهروءَ جي ڪٿا: 1967ع) شامل آهن، جن مان ’جواهر درشن‘ ڪتاب، ٻاراڻي ادب چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام يافته آهي. ديپچندر، ورهاڱي کان پوءِ اجمير ۾ وڃي رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.04.17  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ ليکڪ ديپچندر تلوڪچند بيلاڻي ’چندر‘، 17 اپريل 1909ع تي نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ ’ڪاڻيا ڪلهوڙا‘ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان علي انصاري
صبا دشتياري
گنو سامتاڻي
صديق سالڪ برگيڊيئر
ديوي ناگراڻي
گنگا رام سمراٽ
خالد آزاد
عبدالستار بلوچ
جمال رند
جيئل اوڏ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون